بيجنگ-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ا??ندڙ هفتي بيلٽ روڊ روڊ عالمي اقتصادي فورم جي ميزباني ڪندو، چيني خابرو اداري موجب چيني پرڏيهي وزارت ??رف??ن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ا??ندڙ هفتي بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ عالمي اقتصادي فورم جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي وزارت اميد ظاهر ڪندي چيو ته روس جي صدر ولاديميرپيوٽن گذريل سال يوڪرين تي روس جي حملي جي شروعات کان پوءِ پهريون ڀيرو چين ج?? دورو ڪندو ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سان سربراهي ملاقات ڪندو. چين ۽ روس جي اڳواڻن جو اهڙي وقت ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اختلاف برقرار آهن ۽ روس ۽ اولهه ملڪن وچ ۾ لاڳاپا خراب شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، چيني پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته فورم جي موقعي تي ٻطرفي ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته هن وقت تائين 130 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪرڻ جو ??يصلو ڪري چڪا آهن. واضح رهي ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو، وڏي اقتصادي بلاڪ جي جوڙجڪ جو ??نصوبو آهي جنهن کي شي جن پنگ 10 سال پهرين تجويز ۽ شروع ڪيو هو.
چين ايندڙ هفتي بيلٽ اينڊ روڊ عالمي اقتصادي فورم جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین