گڏيل قومون – 04 ??پر??ل (اي پي پي) اتر ڪوريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ پيانگ يانگ خلاف آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي روڪڻ لاءِ ويٽو پاور جو استعمال ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو آهي. روسي خابرو اداري تاس مطابق گڏيل قومن ۾ ا??ر ڪوريا جي مستقل نمائندي ڪم سونگ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي ۾ ا??ر ڪوريا تي ٺهراءُ 1718 مطابق ل??ڳو ڪيل پابندين جي ڪميٽي جي سهڪار ڪندڙ ماهرن جي پينل جي مينڊيٽ ۾ توسيع تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته روس طرفان ويٽو پاور جو استعمال ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا ڪڏهن به پيانگ يانگ تي سلامتي ڪونسل طرفان ل??ڳو پابندين يا پابندين واري ڪميٽي جي سرگرمين کي تسليم نا??ي ڪيو. گذريل هفتي روس گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪيو ۽ اتر ڪوريا تي پابندين بابت هڪ ماهر پينل مينڊيٽ ۾ 30 ??پر??ل 2025 تائين توسيع لاءِ آمريڪا طرفان پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ جي مسودي کي روڪي ڇڏيو. سلامتي ڪونسل جي 15 مان 13 ميمبرن ٺهراءُ جي مسودي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
اتر ڪوريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پابندين بابت آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری