برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي وا??ي وزير بيزاليل سوٽرچ جي ان بيان جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته غزه جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست ??ون??و.. اسرائيل جي ناڻي وا??ي وزير جي بيان کانپوءِ عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير جي عالمي ۽ بنيادي انساني اصولن لاءِ نفرت جو وا??ح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اسرائيل جي ناڻي وا??ي وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فرانس چيو ته غزه جي ماڻهن کي انساني امداد پهچائڻ عالمي انساني ق??نون تحت اسرائيل جي ذميواري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير جي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اهو بيان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي وا??ي وزير جي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ماڻهن کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئ?? سگهجي ٿو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيلي يرغما??ين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪر?? سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی