تاشقند – 23 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ چيني صدر شي چ?? پنگ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ چين علائقائي سلامتي، خوشحالي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، ٻنهي ملڪن جا دوست ۽ دشمن گڏيل آهن ۽ هو دهشتگردي ،انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي جي ر??حانن جي خلاف هڪٻئي سان تعاون جاري رکندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هي اتفاق راءِ تاشقند ۾ ملاقات جي موقعي تي سامهون آيو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا وفد به موجود هئا، صدر ممنون حسين جي مدد پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ڪئي جڏهن ته چيني وفد ۾ پرڏيهي وز??ر وانگ هي، واپار وارو وزير گائو هو چينگ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. چين جي صدر شي ج?? پنگ ان موقعي تي خطي، خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی