اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ده??تگردي جا نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سحر ڪامران ۽ ٻين ميمبرن جي رٿ تي ??حث سهيڙيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته هن ايوان ۾ ڏنل منهنجي گذريل بيان کانپوءِ هن بيان کي ايوان جي ٻاهر نيون نيون معنائون ڏنيون ويون، جنهن ڏ??نهن مون اهو بيان ڏ??و هو بهتر هو انهي ڏينهن وضاحت طلب ڪن ها، آئون سينيٽ چيئرمين کي چوان ٿو ته اسان کي حقيقتن ۽ دليلن سان گڏوگڏ سچ ڳالهائڻ گهرجي، ايوان ۾ جيڪا ڳالهه ٿئي ان جو ايوان ۾ جواب اچڻ گهرجي، آئون پنهنجي بيان جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ان جي لاءِ پاڻ ايوان ۾ آيو آهيان. منهنجي اڳوڻي بيان جي ڪاپي هن ايوان ۾ ورهائي وڃي جيڪڏهن مون اهو چيو آهي ته ده??تگردن سان نرمي ڪئي وڃي ته آئون جوابده آه??ون.
دهشتگردي جا نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهن: چوڌري نثار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ