اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صدر صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگا??ه تي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وقتي صدر اسد قيصر کي اسپيڪر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ پارلياماني معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بي??ن موجب وقتي صدر سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ جي عزت وڌائڻ ۽ قومي ايشوز کي ??ارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻڻ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل ذميواري آ??ي. ??ينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاڪستان ۾ قانونسازي جو محور آهي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک