اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثا??ي جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن ?? هن وزيراعظم کي امير قطر جي طرفان وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو، هن امير قطر جي طرفان پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ۽ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي نئين قيادت سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان شيخ تميم بن حماد الثا??ي جي طرفان گرمجوشي جي مظاهري کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی