اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا ??ي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪس??ان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪس??ان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نق??ي جي ب??قا??ده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا ??ي هر فورم تي اٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پاڪس??ان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪس??ان جي سمورن سياستدانن نئين نق??ي جي تائ??د ڪئي.
پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ