اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظ?? چيو آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم بڻائيندو، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت آهي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاذح ڪيو، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات واري وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيو ويو آهي. ان سان ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪورونا وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليم?? سلسلي کي ??حال رکي ??گهبو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم واري پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان جي ڪري تعليمي عمل به متاثر ٿيو آهي. وزيراعظ?? چيو ته تعليم ۽ اطلاعات واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعليم ج?? سلسلي کي ??اري رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن سان تعليمي عمل تي وبا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظ?? چيو ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خوش آئنده آهي. ان سان ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم پهچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي ??اص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن سان انهن علائقن جي تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي. وزيراعظ?? چيو ته هڪ جهڙو نصاب تعليم واري وزارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم آهي. ان سان هيٺئين طبقن کي ??ه تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي ??ه جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فني تعليم پڻ تمام ضروري آهي. وزيراعظ?? چيو ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي تعليمي نظام کي ??باهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پر بعد ۾ ديني مدرسن کي ??ئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي ??عليم جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظ?? چيو ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن سان شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري رهندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي تعليم پورٽل جي ترويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت سان حصيداري ڪري رهيو آهي. ان مهم جو مقصد عوام کي ”اي تعليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.
وزيراعظم عمران خان پاران ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز