اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ و??ري?? ڪرپشن ۽ مني ل??نڊ??نگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طري??و جنهن کي سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني ل??نڊ??نگ جو اهو دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ مني ل??نڊ??نگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمران خ??ن چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني ل??نڊ??نگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.
پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا