اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي ??سئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان ج?? لاءِ ڪنهن به ??سم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم ??ي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان ج?? لاءِ ڪنهن به ??سم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم عمران خ??ن ??ي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عمران خ??ن جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.
وزيراعظم سان ملاقات ۾ منير احمد خان پاران پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا