اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي ت??لي??ي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي ت??لي??ي نصاب تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ ت??لي?? واري وفاقي وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي ت??لي??ي نصاب ۾ شامل سيرت النبي ﷺ جي ت??لي??ات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت النبي ﷺ ئي اسان جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري نبي ﷺ جي سيرت جو سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن مع??شرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت النبي ﷺ جي ت??لي??ات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چونڊ سنهري اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي ت??لي??ي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.
قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر