اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪ??هن به حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آهيون، غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 450 ار?? جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسم??ن راشد، قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پنجاب اسيمبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چ??و ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ار?? ڊالر هو ج??هن جي ڪري معاشي صورتحال مشڪل هئي. جيئن ته اسان جو دارومدار درآمدات تي آهي ان لاءِ جڏهن ٻاهر قيمتون وڌن ٿيون ته هتي به قيمتون وڌن ٿيون. هن چ??و ته اسان محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ار?? کان گهٽ ڪري هڪ ار?? ڊالر تي کڻي آياسين. پوءِ ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خساري ۾ هلي وئي ۽ عالمي سطح تي بحران آيو. جڏهن ته اسان جي ڪامياب پاليسين جي ڪري وبا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي م??هن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالمي سطح تي اسان جي ڪامياب پاليسين جي پذيرائي ڪئي وئي. وزيراعظم چ??و ته غريب عوام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هن وقت 450 ار?? جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. صحت ڪارڊ جي پوري پنجاب ۾ شروعات ڪري رهيا آهيون ج??هن جي ڪري غريب خاندان معياري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي مستحق خاندانن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿيندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام 20 لک خاندانن جي لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پروگرام ۽ ننڍي آبادگار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پروگرام اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئي وئي ته جيئن ڪو مستحق پروگرام کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪ??هن حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي ا??هن سمورن پروگرامز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافياز سان آهي. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن مقامي سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته اها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.
اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ