اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ??ي ترجمان مريم اورنگزيب احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪر?? جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شر??ف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ??يو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه رڳو جاري رهندو پر ان کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي، وزيراعظم شهباز شر??ف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻارن ۽ ٻارڙين ??ي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ??يو آهي، ڪو پروگرام بند ناهي ٿيو، عوام جي ڀلائي جي هر منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شر??ف جو شر??ع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پکيڙي رهيا آهن جن کي وزيراعظم جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائ?? جي عادت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها اهڙي بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو وزيراعظم آهي جيڪو عوام جي لاءِ فراخدلي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ اهڙو چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوامي ۽ قومي سلامتي جي ايشوز کي پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.
مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پاران احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جون خبرون ڪوڙ قرار
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث