اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فو?? ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي هنگامي امداد جي لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم افعانستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فو??م تان متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ ??دت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي ??نهن جي لاءِ فو??ي هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، طبي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فراهمي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانستان جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانستان جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن امداد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانستان جي ٻوڏ متاثر عوام کي امداد جي فراهمي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هنگامي امداد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فو?? ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil