ڪوئيٽا ??? 14 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صوبي ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي، مسلمان امت جي ا??حاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي ا??يمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي ا??ان اڳتي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي ا??ان کي گڏجي تعمير ?? ترقي جي لاءِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪري هڪ قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.
پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون: بلوچستان جي وڏي وزير جو آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ