اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پر??يه?? کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان موجب پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پر??يه?? کاتي جي قونصلر جي پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ??رپور اظهار کي ساراهيو. پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پر??يه?? وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻهن جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سبب آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پر??يه?? وزير چيو ته بدقسمتي آهي جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان کي موسمياتي تبديلين جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪومت پاران 31.1 ملي?? ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پر??يه?? وزير چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، پاڪستان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي. پر??يه?? وزير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پر??يه?? کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ??وششن ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ پرعزم ??هي. هن پر??يه?? وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن جي ??ولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پر??يه?? کاتي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ??س ۾ پاڪستان جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پاڪستان آمريڪا جي وسيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت