اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير چيو آهي ته اسان لاءِ سڀني کان وڏو چيلنج ٻ??ڏ متاثر علائقن ۾ موجود 6 لک کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي جان بچائڻ آهي، متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس لڳايا پيا وڃن جتي ٽائيفائيڊ، چمڙي ۽ نمونيا سميت ڪيترن ئي بيمارين جو علاج جاري آهي. انهن خ??الن جو اظهار هن گلو??ل فنڊ جي پاڪ??تا?? جي سينيئر منيجر ازسڪان سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪ??تا?? ۾ گلو??ل فنڊ جي صحت واري وزارت جي اختيارين سان ايندڙ ٽن سالن جي امداد بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي گلو??ل فنڊ جي سينيئر منيجر ازسڪان چيو ته ڏکين حالتن باوجود وفاقي حڪومت جي ٻ??ڏ متاثرن جي مدد ۽ سند صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته گلو??ل فنڊ جي مدد سان پاڪ??تا?? جي صحت جي اختيارين ٽي بي، ايڊز، مليريا ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان اڳتي پڻ پاڪ??تا?? جي حڪومت سان گڏجي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورا سمڪاني قدم کڻنداسين، ملاقات ۾ ڪامن ميڊيڪل يونٽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر مصطفيٰ جمال قاضي پڻ موجود هو.
وڏو چيلنج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موجود ڇهه لک ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ٻار ۽ ماءُ جي جان بچائڻ آهي: وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل
مضمون کا ماخذ : números dupla sena