اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عالمي سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي جي واضح چ??لينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان واعدن کي عملي شڪل ڏ??ي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ڪوپ – 27 ۾ اعليٰ سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪيو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن ملڪ کي ڪهڙي طرح نقصان پهچائي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته هن عالمي اڳواڻن جو ڌيان وڏي پئماني تي مالياتي خال کي پورو ڪرڻ، زيان ۽ نقصان کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت طرف ڇڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته مون دنيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي تبديلي جي واضح چ??لينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي. هي صورتحا?? موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي خلاف صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي رخ ۾ تبديلي جي گهرج ڪ??ي ٿي.
موسمياتي تبديلي جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان واعدن کي عملي شڪل ڏني وڃي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک