اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آه??، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪست??ن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه جو عڪاس آه??، ڪي ٿري منصوبو پاڪست??ن جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين ليوجينگ ۽ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پنگ چن شوئي جي قيادت ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طا??ق فاطمي، طا??ق باجوه، جهازيب خان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آه??. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪست??ن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو عڪاس آه??، اهو پاور پلانٽ نه رڳو پاڪست??ن جي وڌندڙ بجلي جون ضرورتون پوريون ڪندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندو ۽ پاڪست??ن جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چين پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي س??ن جلد وفدن جي سطح تي ملاقاتن جي شروعات ڪئي ويندي جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.
پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو