اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪم??ور?? محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪمزور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ??رورت آهي. رمضان المبارڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته رمضان المبارڪ جي ??ارڪت مهيني جي ??روعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي ??حمت ۽ مهرباني سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جي ??اسعادت گهڙين مان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا جتي هڪ مسلمان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پيدا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي ??ندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان تي روزا اهڙي ??رح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي ??رح اسان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ??ريعي ماڻهو جي ??ندر صبر ۽ استقامت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رمضان المبارڪ انسان جي ??ندر استقلال ۽ استقامت جي ??اقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي ??ڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي ??ربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ??ريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي ??ڪمن جو پابند بڻائڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته اسان رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي ??ندر معاشري جي ڪم??ور?? محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي ??گهه مان وڌي ان رمضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ??رورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ??ريعي اسان رمضان جي مقصدن ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي رمضان المبارڪ جي ??رڪتن ۽ فضيلتن سان فيضياب ٿيڻ جي ??وفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.
رمضان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد