اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف عما?? جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آ?? سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف عما?? جي سلطان هيثم بن تيمور آ?? سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان ??ي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين ??ي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. عما?? جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪ?? جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جو عمان جي سلطان سان ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ