ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النه??ان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وز??راعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وز??راعظم گڏيل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن محمد النه??ان ۽ شيخ حزه بن سلطان النه??ان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??راعظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز، غذائي تحفظ، مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري
مضمون کا ماخذ : ریل رش