اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پروگر??م متعارف ڪرائڻ جي ا??ميت تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترقي جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران سينيٽر روبينه خالد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقدار خاندانن جي غربت ختم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، هو فعال شهري جي حيثيت سان قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن ا??پي??لسٽ ۽ عمر بن ضيا سينئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سينيٽر روبينه خالد انساني وسيلن جي ترقي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانوازي جي ا??ميت تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي ا??هن مهارتن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ روزگار جا بهتر ??وق??ا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ا??ندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متحرڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي اسڪل ڊولپمينٽ جي ا??ميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي سان تعاون وڌائڻ جي ا??يد ظاهر ڪئي.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena