اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. سريلنڪن وفد جي ??يادت پرڏيهي سي??ريٽري اروني وجيورد جڏهن ته پاڪستان پاران پرڏيهي سي??ريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورتي اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جڏهن ته ڳالهه ٻولهه ۾ خاص طور تي ??اپار، اقتصادي تعاون، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، ثقاف??، ميڊيا، راندين، گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ قونصلر معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي ??ثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مشاورتي اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي ??اڙيسري خطن ۾ سياسي ۽ سي??يورٽي ڊائنامڪس تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين زراعت، صحت، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. هن ان ڳالهه کي پڻ ساراهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي اتفاق راءِ آهي.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ