لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ آفيس (ايف سي ڊي او) ۾ برطا??يا جي پارلياماني ميمبر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مملڪتي وزير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري تي مبارڪون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي ??هميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطا??يا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گيلاني برطا??يا سان اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن مطابق ڄمون ڪشمير جي ??ڪرار جي ??ل جي ??هميت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرم??ن غزه جي ??نگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي ??ل تي زور ڀريو. برطانوي مملڪتي وزير هميش فالڪنز ايف سي ڊي او جي ??وري تي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان ۽ برطا??يا جي ??راڪتداري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي پنهنجي ??واهش جو ورجاءُ ڪيو. هن 2010ع ۾ م??تا?? ۾ آيل ٻوڏ جي موقعي تي پنهنجي ??وري کي پڻ ياد ڪيو.
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران لنڊن ۾ ڏکڻ ايشيا بابت برطانوي مملڪتي وزير هميش فالڪنز سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں