اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي ??نيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 ??يپٽمبر تي ملھايو ويندو. ھر سال سڄي ??نيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھاد، ٻارن جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 2012ع ۾ اھو ڏ??نھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر سال باقاعدگي سان اھو ڏ??نھن ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ مقصد اهو به آهي ته اهو مڌر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏ??نھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مختلف خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھن جي موقعي تي مختلف تقريبون منعقد ٿيڻ ذريعي خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪرڻ جي ترغيب ۽ آگاھي سميت سڄي ??نيا ۾ خيراتي ڪمن جي مسئلن کي نمايا ڪيو ويندو آھي ته جيئن اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ملڪن ک?? معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غربت جھڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته اهي خيراتي تنظيمن ۽ ماڻھن جي ڪوششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غربت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا