اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمبر، سنڌ جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير محمد اسحاق ڊار ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ??ول??ه ٿي. ملاقات ۾ گذريل ڏينهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي ??وا??ي سان صدر آصف علي زرداري جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ فلسطينين جي پاڪستان پاران امداد جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ ??ي ??وا??ي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ??ول??ه ٿي. ملاقات ۾ فلسطينين جي امداد جي لاءِ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي شموليت کي ساراهيندي ان کي خوش آئنده قرار ڏنو ويو، پوري پاڪستاني قوم اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ متحد آهي.
وزيراعظم سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل