ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته هي روشنين جو ڏڻ اتحاد ۽ امن جي علامت آهي جيڪو پاڪستان جي مختلف ثقافتي ورثي ۾ اونهائي سان جُڙيل آهن. بلاو?? هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين پاڪستان جي هندو ۽ شيڊولڊ ڪاسٽس برادريءَ لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملڪي ترقيءَ ۾ سندن تمام گهڻي ڪردار کي ساراهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڏياري اونڌائي تي روشني جي فتح جو جشن آهي. پ پ چيئرمين پنهنجي پارٽيءَ جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليتن جي حق?? جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجا ڏڻ وقار ۽ آزاديءَ سان ملهائڻ جو حق حاصل رهندو. هن چيو ته ڏياري جو ڏڻ اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ ملڪ ۾ هڪ اهڙي معاشرتي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرعمل عمل آهي جتي هر شهري، چاهي سندس مذهب ڪ??ڙو به هجي، گڏيل احترام ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ