اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته جرمني تجديد جوڳي ??وانائي ??ي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي ت??انائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي ??وانائي ??امل ڪندو. هن چيو ته پاڪستان تمام ذميداري سان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي ??هيو آهي ت?? جيئن بجلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪستان جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اسان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ته توانائي ??ي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻجي رهي آهي. هن چيو ته جرمني پاڪستان جي ت??انائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ت?? جيئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ته جرمني نجي شعبي پاڪستان جي ت??انائي ??ي شعبي ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي ??وانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil