جده-14 نومبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي فوج طرفان غزه جي پٽيءَ جي هيڊ ڪوارٽرز جي نئين سر تعمير لاءِ قائم قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي. جده ۾ جاري بيان ۾ او آءِ ??ي حملي کي فلسطيني شهرين ۽ اسپتالن، اسڪولن، يونيورسٽين، عبادتگاهن، رهائشي گهرن سميت غزه جي پٽيءَ ۾ شهري ملڪيتن کي نشانو نه بنائڻ لاءِ جاري فوجي جارحيت جو قرار ڏنو جيڪو ع??لم?? انساني قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. او آءِ سي ع??لم?? برادريءَ کان پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪئي ته هو قابض اسرائيل کي ع??لم?? انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ڪرڻ تي مجبور ڪري جنهن مان تازا ترين قرارداد ??ڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 26 آڪٽوبر 23ع تي منظور ڪئي، جنهن ۾ شهرين، ملڪيتن، انساني امداد فراهم ڪندڙ سان گڏوگڏ اثاثن ۽ سهولتن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. او آءِ سي غزه تائين انساني امداد جي فوري، محفوظ، پائيدار ۽ بنا رنڊڪ جي فراهميءَ جو به مطالبو ڪيو.
او آءِ سي جي اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا