اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي تعليمي معيار کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستاني سائنسدان عالمي سائنسي ادارن سان گڏجي علم جي شعبي ۾ اهڙي من??وبابندي ڪن جيڪا اسان جي ايندڙ نسل جي لاءِ فائديمند هجي ۽ شاگرد ا?? مان لاڀ پرائي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. صدر اها ڳالهه اسپارڪو ۽ اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي اهتمام هيٺ من??قد ٿيندڙ ٻي عالمي خلائي ڪانفرنس (آءِ سي ايس – 2016ع) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ا?? موقعي تي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل، اسپارڪو ج?? چيئرمين قيصر انيس خرم ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ?? مان ايندڙ سائنسدانن ۽ عورتن ۽ مردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.
دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو: صدر
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث