اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري ممل??تي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فنون لطيفه، ادب، قومي ورثي ۽ ثقافت کي فروغ ڏئي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، خطاطي جو هنر حاصل هجڻ هڪ سعادت آ??ي، اسلامي خطاطي فن ئي نه پر عقيدي جو اظهار آ??ي، اسلامي خطاطي جي فن پارن کي ڏ??ي جذبو پيدا ٿيندو آ??ي، نمائش جي انعقاد جو مقصد پاڪستان جي ثقافت کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ آ??ي، قائداعظم جو مقصد هو ته پاڪستان جمهوري ۽ مستحڪم ملڪ بڻجي اڀري، ايندڙ مهيني ۾ پاڪستان ۾ پهرين فلم فيسٽيول جو انعقاد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سڄي دنيا جي بهترين فلمن جي نمائش ٿيندي، ملڪ جي مثبت اميج جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت پهرين فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پالي??ي جوڙي رهي آ??ي، اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آ??ي، پنهنجي يوٿ کي فنون لطيفه، ادب، قومي ورثي ۽ ثقافت جي ويجهو آڻڻو آهي. هو پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قومي ??ار??خ ۽ ادبي ورثه ڊويزن ۽ تحقيق مرڪز براءِ ??ار??خ ۽ فن جي ۽ ثقافت اسلامي (اريسڪا) جي سهڪار سان پاڪستان جي 70 هين سالا جشن آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ چار ڏينهن واري عالمي خطاطي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.
ثقافت کي فروغ ڏئي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج