گڏيل قومون – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان هاڻي ڪنهن جي لاءِ وڌيڪ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻ?? پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين تي عمل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويند??، ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ معصوم عو??م تي ظلمن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو انڌاڌند ۽ هر??ڀر?? استعمال ڪري رهيو آهي، عو??تن، ٻارن ۽ نوجوانن کي هر??ڀر?? نشانو بڻايو پيو وڃي، هزارن جي تعداد ۾ معصوم ڪشميري ماريا ۽ زخمي ڪيا ويا آهن
ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات