اسلام آباد – 02 مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته فاٽا سڌارن کي ايندڙ هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ايجنسي ڊولپمينٽ فنڊ کي فوري طور تي ختم ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، سمورن پارلياماني اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي ٽائيم فريم ڏنو ويندو، بلدياتي چونڊون آڪٽوبر 2018ع کان اڳ ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي لاءِ سمورين سي??سي پارٽين سان گڏجي ٽائيم فريم طئي ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو ته مخ??لف ڌر اڳواڻ جو ٿ??را??تو آهيان هو منهنجو دوست آهي، مون کي افسوس آهي ته سندس تقرير ٻڌڻ جي لاءِ وقت تي نه آيس جڏهن ته سندس تقرير جو باقي حصو آئون خميس ڏينهن ٻڌندس. وزيراعظم چيو ته اهو ضروري آهي ته وزير ۽ ميمبر هتي موجود هجن.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن