لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوبي ۾ عورتن جي تحف?? لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اهڙن واقعن ک?? روڪڻ ۽ عورتن جي تحف?? لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي ??ڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحف?? لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر