نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز س??ن ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس ??ار??ن جاري بي??ن موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ??ولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چ??و ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه ??حمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ??ولهه ??ي. مخدوم شاهه ??حمود قريشي چ??و ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه ??حمود قريشي چ??و ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري ??ار??ن مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان ??ار??ن فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي س??ن مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.
شاهه محمود قريشي سان بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات، افغانستان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال