اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي پروگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شر??ع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي م??امي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تي م??قعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 رانديون بشمول هاڪي، ??رڪ??ٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اس??وا??، والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي م??ڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ راندين جا موقع?? منعقد ڪيا ويندا. راندين جا اهي م??ابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان گذاريو ويندو. راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.
وزيراعظم عمران خان ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ ڪندو
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ