اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ??ڪايتن کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزار?? جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي ??ڏه?? ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب ??ڪو??ت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ??ڪو??ت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايتن کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو، ??ڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.
وزيراعظم پاران حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی