اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍ?? جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته 5 سال گذري وڃ?? جي باوجود پشاور موڙ کان ايئرپو??ٽ تائين ميٽرو ج?? منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران خان ج?? حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا جمود جو شڪار رهيا.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس