اسلام آباد – 05 – آڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي سان کيڏندڙ فارن ايجنٽ اسلام آباد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عمران خان ??ومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيستائين کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران ??انگ مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو ??اريخي قرض وٺندڙ فارن ايجنٽ ڪوڙو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عمران خان جي لانگ مارچ جي حوالي سان ??نهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪندڙ فارن ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ت?? فارن ايجنٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي ٽوڙيندڙ آئين شڪن اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪيندڙ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير فروش فارن ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه جو چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪرپشن جو ??ريڪ ڏوهاري اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڳ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ لانگ مارچ جو ??علان ڪري.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج