اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ م??رر افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائقي ۾ افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پاران اشتعال انگيز گو??اباري جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ج??ني نقصان ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته شهرين جو تحفظ ??نه?? ڌرين جي ذميواري آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ قائم اداراجاتي مڪينزم کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان افغانستان ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪ افغان سرحد تي امن ان مقصد جي لاءِ بنياد آهي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز