اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي بي گهر ۽ بزرگ ماڻهن کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ زندگي جون ضرورتون پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرنديءَ وارن، فلاحي ادارن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي بزرگ ماڻهن جي ??ارسنڀال جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اولڊ ايج هوم عافيت ملتان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اسلام بزرگن جي ??حترام ۽ انهن جو خيال رکڻ کي خاص اه??يت ڏي ٿو، ان ڏس ۾ والدين اسلامي تعليم موجب اولاد جي ??ٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪن. هن چيو ته والدين جا حق پورا ڪرڻ اولاد جي ??ولين ذميوارين مان آهي، بزرگ ماڻهن جي لاءِ قان??ني ۽ معاشرتي سطح تي قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. صدر چيو ته معاشري ۾ لاچار ماڻهن ۽ بزرگن جي ڀلائي لاءِ حڪومتي ادارن، غيرسرڪاري تنظيمن، سول سوسائٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر بزرگ ماڻهن جو خيال رکڻ تي تاري زمين پر ٽرسٽ ۽ عافيت جي ڪردار کي ساراهيو. بعد ۾ صدر بزرگ ماڻهن جي لاءِ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو.
سرنديءَ وارن، فلاحي ادارن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي بزرگ ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال