اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سا?? معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازي کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بڻائڻو پوندو، معيشت کي دستاويزي بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتد??ر مشاورت ۽ شفافيت سا?? ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سا?? کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي. هوءَ سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ وفاقي وزير محمد علي ۽ ٻين سا?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي پرن??پل انفارميشن آفيسر عاصم کچي به موجود هو. ناڻي واري وزير چيو ته نگران حڪومت کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن پر اسان انهن کان گهٻرائي نه رهيا آهيون بلڪ هڪ هڪ ان چئلينجن ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش ۽ طريقيڪار اهو آهي ته انهن مسئلن کي دانشمنداڻي ۽ احسن انداز ۾ حل ڪري سگهجي. اسان جي ڪوشش آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ان ۾ گهٽتائي آندي وڃي، جڏهن ته محصولن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا وڃن. خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ واڌ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي، معاشي اهڃاڻن سا?? معيشت جي بحاليءَ جا اشارا ملي رهيا آهن. صارفين لاءِ قيمتن جا حساس اهڃاڻ مئي جي 38 سيڪڙو جي شرح سا?? گهٽ ٿي 26.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي، ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته اسان مشڪلاتن مان نڪري رهيا آهيون ۽ قيمتن ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيداواري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍين ۽ وڏين فصلن جي سٺي پيداوار ايندي ۽ اسان جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا، ان سا?? مجموعي معيشت تي اثر پوندا. اهڙيءَ طرح سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي. خدمتن جو شعبو متحرڪ آهي ۽ هي شعبو ڪيترن ئي ٻين شعبن سا?? ڳنڍيل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي برقرار رکيو آهي، ان سا?? بهتري ايندي. قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ صنعتن کي رليف ملندو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سا?? مختلف منصوبن کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان عالمي بئنڪ سا?? مختلف منصوبن لاءِ 2 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. اهڙيءَ طرح ايشيائي ترقياتي بئنڪ رائز پروگرام کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبن تي توجهه ڏني وڃي جن سا?? ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي، اسان سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جا هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. ناڻي واري نگران وزير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، حڪومت ايڪسچينج ڪمپنين ۾ سڌارا ڪيا آهن جڏهن ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ به سڄي ملڪ ۾ قدم جاري آهن ان سا?? رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته حڪومت بئنڪنگ ذريعي سا?? مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا حاصل ڪرڻ لاءِ 80 ارب رپين مان 20 ارب رپيا اڄ جاري ڪيا آهن. ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ کي آپريشنلائز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ايف بي آر جاري مالي سا?? جي پهرين 2 مهينن ۾ پنهنجي هدف کان وڌيڪ محصول گڏ ڪيا آهن اان جي صنعت لاءِ آمدني پيداوار ضروري آهي، ان لاءِ ان تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳايون. هن چيو ته روينيو جا مسئلا ڍانچي جاتي آهن، ٽيڪس گذارن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آهي، ايف بي آر ۾ ان حوالي سا?? ڪم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سا?? جيڪي هدف آهن اهي مڪمل ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي نظام کي هڪ ڌاري ۾ آندو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪرنسيءَ جي قدر لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان ۾ ايڪسچينج ڪمپنين لاءِ ضابطه جاتي قاعدن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. ان سا?? مٽاسٽا جي ناڻي جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ ڪرنسي سا?? کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوال تي هن چيو ته ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتد??ر مشاورت شفافيت سا?? ڪم ڪري رهيا آهن. زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن تي توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگ??ر ماحول فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته 18هين ترميم تحت وسيلن جي منتقلي صوبن کي ٿي آهي سنڌ حڪومت سا?? وسيلن جي ورڇ ۾ ڪا زيادتي نه ٿي آهي. آءِ ايم ايف تحت اسان کي سيڙپڪاري خرچن کي شفاف رکڻو آهي، اسان جو بنيادي مقصد خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڍانچن ۾ تضاد آهي، اسان جي ٽيڪس جو بنياد تمام گهٽ آهي، اسان زراعت تي ٽيڪس لاڳو نٿا ڪري سگهون، اهڙيءَ طرح ريئل اسٽيٽ ۽ ريئل سيڪٽر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، اسان کي ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازيءَ کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بنائڻو پوندو. معيشت کي دستاويزي بنائڻ وقت جي ضرورت آهي، اسان جو طريقيڪار اهو رهيو آهي ته اسان ان ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪندا اچي رهيا آهيون جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ڏيندا آهن، ان حوالي سا?? نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ تمام ضروري آهي.
معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي: ڊاڪٽر شمشاد اختر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا