اسلام آباد – 26 – آڪٽ??بر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پا??ستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽ??بر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکيو ويو ان ڏينهن ڀارتي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي ??ي پا??ستان، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي ??ي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پا??ستاني سفارتخانن ۽ ٻين سفارتي مشنز جي اهتمام ??يٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو ويندو. پا??ستان خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميري عوام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔