لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته نگران حڪومت ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪا به قوم تعليم جي زيور مان فائدو کڻڻ کانسواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿي ڪري سگهي، تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏئي وڏو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، سي پيڪ منصوبي سان پاڪستان ترقي جي منزل طئي ڪئي آهي، زرعي شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگ??ي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ کي اختيار ڪري ملڪ کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي پهرين ڪانووڪ??شن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم چي?? ته هن تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز آهي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار ??هي جنهن کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهجي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ سان نه رڳو انفرادي پر اجتماعي طور تي معا??رت?? تبديلي آڻي سگهجي ٿي. معاشري ۾ برابري، انصاف جي فروغ ۽ تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. حڪومت هڪ جهڙي تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستاني شاگردن سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ??هي ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. هن ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن. پنهنجي معاشري جي بهتري جي حوالي سان انهن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. تعليم يافته نوجواننک ي خاص طور تي هن معاشري جي محروم ماڻهن جو خاص طور تي خيال رکن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي انهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻين. تعليم يافته ماڻهن جي منفرد ذميواري ??هي ته اهي معاشري جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خوش قسمتي سان پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ به وڌيڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته انهن نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان حوالي سان استادن جو ڪردار تمام اهم آهي. آئون انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي استادن کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو جن انهن شاگردن جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي ميدان ۾ آءِ اي سي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، مون کي اميد ??هي ته اداري جا فارغ ٿيندڙ شاگرد ملڪي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم چي?? ته شاگردن کي اعليٰ ۽ فني تعليم سان ليس ڪري ملڪ جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. تعليم جي ذريعي ئي اسان پنهنجي معاشري ۾ تحمل ۽ افهام تفهيم جي فضا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ برابري ۽ انصاف جهڙن اصولن جي پاسداري ڪري سگهون ٿا. اسان کي دنيا سان گڏ هلڻ جي لاءِ هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو نه ته اسان دنيا کان تمام گهڻو پٺتي رهجي وينداسين. آءِ ٽي سيڪٽر کي فروغ ڏئي نه رڳو مقامي طور تي روينيو پيدا ڪري سگهجي ٿو پر وڏو پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائي سگهجي ٿو. انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته زراعت جو شعبو ملڪي ترقي ۾ ڪرنگ??ي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. اسان کي پنهنجي زراعت کي روايتي طريقي کان هٽي ڪري ان شعبي ۾ جديديت ۽ ريسرچ کي اختيار ڪرڻو پوندو. جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري اسان زرعي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري آمدني واپار ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان وسيع صلاحيتون رکندڙ ملڪ ??هي جيڪو وسيلن سان مالامال آهي. هتي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. اسان وٽ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته انهن وسيلن کي صحيح انداز ۾ استعمال ۾ آندو وڃي. الله تعاليٰ پاڪستان کي منفرد جاگرافيائي بيهڪ ۽ مختلف موسمن سان نوازيو آهي. هتي هر قسم جون زرعي جنسون پيدا ڪري روينيو ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. آبادگارن کي رهنمائي فراهم ڪري انهن کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو. زرعي جنسن جي اضافي جي لاءِ هائبرڊ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ انفارم??شن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. اسان آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏئي نه رڳو آءِ ٽي گريجوئيٽس ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا پر ان سان پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائي سگهجي ٿو. اسان وٽ دنيا جا بهترين آءِ ٽي پروفيشنلز موجود آهن. نگران وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ذريعي پاڪستان ترقي جي منزل طئي ڪئي آهي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڪلچر جي وائيس چانسلر محمد فيصل جنجوعه ڪانووڪ??شن ۾ شرڪت تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. هن ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته اسان شاگردن کي نه رڳو ڊگري مها ڪريون ٿا پر انهن کي عملي زندگي ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رهنمائي پڻ فراهم ڪريون ٿا. آئون انهن سمورن استادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو جن شاگردن جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مختلف شعبن ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ۽ ميڊلز ورهايا.
نگران حڪومت ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج