ڪراچي-08فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سوشل سيڪيورٽي جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ا?? موقعي تي نگران وزير محمد احمد شاهه ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کا??پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن سبب موبائل سروس بند ڪئي وئي آهي ته جيئن ان قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آهي ۽ اهو فيصلو دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کا?? بچي ويا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صورتحال قابو ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ويندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سروس بند رهندي.ڪراچي ۾ بيلٽ پيپرز ريڪور ڪرايا ويا آهن.پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان ??اري آهي.هن چيو ته نگران ??ڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته امن امان ??ان گڏ اڄوڪي ڏينهن جي پڄاڻي ٿئي.صوبي ۾ ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي. سمورن ڊي آر اوز کا?? معلوم ڪيو ويو آهي ته انهن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ته نه آهي. انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته يقيناً ڪو خطرو ضرور هوندو جنهن جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ