عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ برط??ني?? جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، ڏکڻ ايشيا، گڏيل امارات ۽ دولت مشترڪه بابت مملڪتي وزير لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ۽ برط??ني?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظاهر ڪ??و. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ان حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪ??و. ??ائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو ذڪر ڪندي بين المذاهب مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اينهانسڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ (اي ??يس پي) جي شڪل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ، توسيع ڏيڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڌرين برط??ني?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي تحت مائيگريشن ٽريڪ تي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪ??و. ??ن افغانستا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي لارڊ طارق احمد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado