اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد پاران ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي گوادر ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. صدر بئنڪن پاران بين??ير ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز ڪٽوتي جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته سروس چارجز ختم ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته بئنڪن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقين جا اڪائونٽ کولڻ جو چيو وڃي، ادائيگي جي جديد نظام سان پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن کي استحصال کان بچائي سگهبو. صدر وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ ڊونرز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر کي بين??ير ڪفالت، تعليمي وظيفن، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ۽ واڌويجهه پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 598.718 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بين??ير ڪفالت پروگرام فليگ شپ پروگرام آهي جڏهن ته ڪفالت پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ اهل عورتن ?? کدڙن فقيرن کي غيرمشروط روڪ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بين??ير ڪفالت پروگرام جي لاءِ مالي سال 25 – 2024ع دوران 93 لک اهل خاندانن جي لاءِ 461 ارب رپيا جڏهن ته اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ 77.18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته بين??ير تعليمي وظيفا پروگرام مان 97 لک ٻار فائدو کڻي س??هن??ا، ان سان گڏوگڏ انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس پروگرام تحت 10 هزار شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غذائيت جي کوٽ ۽ واڌويجهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 20 لک حاملا آ۽ کير پياريندڙ عورتن ?? انهن جي کير پياڪ ٻارن کي خصوصي خوراڪ پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ??ه 2022ع ۾ ٻوڏ دوران بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر 27 لک خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا. صدر معاشري جي مستحق ۽ پٺتي پيل طبقي کي مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا