اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته ??ها امن جي بحالي ۽ تڪرارن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ حڪومت پاران گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪا فلسطين ۾ اسرائيل جي ڏاڍ جو هڪ س??ل مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي هئي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسرائيلي قابض فوج انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ کانسواءِ 41800 فلسطينين کي شهيد ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف ??ضا گيلاني، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??سرائيل لبنان، شام ۽ يمن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حملن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??المي برادري اسرائيل کي خاص طور تي غزه ۾ فلسيني آبادي جي خلاف نسل ڪشيءَ ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ هن ڇوٽ جي موجوده صورتحال تي پڻ سوال ا??ار??و آهي. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته ??المي برادري جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ??ها ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ جانين جي زيان ۽ تڪرارن کي خطي جي ٻين حصن ۾ ڦهلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي پڻ زور ڏنو ته ??ها فلسطين ۽ لبنان ۾ امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪري ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد فلسيني رياست جو قيام جنهن جو گادي وارو شهر القدس هجي، جي ذريعي ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي ڏهاڪا پراڻي موقف ??و ورجاءُ ڪيو. صدر زور ڏئي چيو ته فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. فلسطين مان اسرائيلي فوج جي مڪمل انخلا جو مطالبو ڪندي هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته ??ها وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاءِ اسرائيل کي عالمي قانونن جي خلاف ورزي کان باز رکي. صدر والاريل بيت المقدس سميت والاريل عرب علائقن مان اسرائيلي فوج جي مڪمل انخلا ۽ فلسطيني عوام جي هٿ نه کڻڻ واري خودمختياري جي حق جي بحالي جي پاڪستان جي موقف ??و ورجاءُ ڪيو.
صدر پاران خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار، عالمي برادري امن جي بحالي ۽ تڪرارن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔